اسحاق سنڌي قلندر پاٽائي

اسحاق سنڌي، قلندر پاٽائي: سنڌ جي پاٽ ڳوٺ جو رهاڪو، دنيا جي سير واسطي قلندرانه صورت ۾ نڪري پيو. هر هڪ ويراني ۽ آباديءَ جي گوشي گوشي ۾ پهچي ويو ۽ هر هڪ ملڪ کي پوري غور سان ڏسندي سندن خاصيتن کان واقف ٿيو. 958 هجريءَ ۾ سير سفر کي ترڪ ڪري برهانپور (ڏکڻ هندستان) ۾ اچي رهيو ۽ اتي شيخ طاهر بن شيخ يوسف سنڌي محدث جي خدمت ۾ رهي پيو. 1003 هجري/1594ع تائين شيخ طاهر جي خدمت ۾ رهيو ۽ انهيءَ سال تائين جيڪو محدث طاهر سنڌيءَ جي وفات جو سال آهي، ڪڏهن به پنهنجي مرشد ۽ شيخ کان جدا نه ٿيو. شيخ محمد غوثي برهانپوري ’گلزار ابرار‘ جو مصنف لکي ٿو، ته 1002هجري/1593ع ۾ مان انهن ٻنهي بزرگن سان ملاقات ڪئي ۽ همسائگيءَ سبب فيض حاصل ڪيو. وڌيڪ لکي ٿو ته شيخ اسحاق قلندر جو تصوف ۾ طريقو، ارادي جي مضبوطيءَ ۽ استقامت تي هو. آخر ۾ پنهنجي مرشد ۽ استاد شيخ طاهر جي وفات کان پوءِ 7 سال هن دنيا ۾ گذاري سن 1010هجري/1601ع ۾ هن دنيا فاني مان لاڏاڻو ڪيائين.


هن صفحي کي شيئر ڪريو